رفيق احمد مهيسر

رفيق احمد مهيسر

رفيق احمد مهيسر

رفيق احمد مهيسر: سنڌ جي ناليواري سياستدان، اڳوڻي ايم. اين. اي ۽ ايم. پي. اي رفيق احمد ولد عبدالله مهيسر جو جنم 5 نومبر 1949ع تي ڳوٺ گاهي مهيسر، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ 1965ع ۾ ميهڙ هاءِ اسڪول مان، ايل. ايل. بي 1974ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. رفيق احمد مهيسر سياست جي شروعات مڪاني چونڊن سان ڪئي. 1979ع ۾ ڪولاچي يو. سيءَ جو چيئرمئن ٿيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين، جنهن سبب جيل به ويو. ڪجهه عرصي بعد آزاد ٿيو ته 1986ع ۾ کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. 1988ع وارين چونڊن ۾ ميهڙ تعلقي جي تڪ تان چونڊجي ايم. پي. اي ٿيو.
رفيق احمد مهيسر 1990ع جي چونڊن ۾ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقي مان چونڊجي ايم. پي. اي ٿيو. 1993ع جي چونڊن ۾ ٻيهر ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه مان چونڊجي ايم. اين. اي ٿيو. 2002ع جي چونڊن ۾ مشهور سياستدان لياقت جتوئيءَ جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هن پنهنجي حڪومتي دورن ۾ دادو ضلعي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتون جهڙوڪ: بجلي، روڊ، اسڪول وغيره منظور ڪرايا. هن ڪيترن غريب ماڻهن کي روزگار سان پڻ لڳرايو.
رفيق احمد مهيسر 15 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي.


لفظ رفيق احمد مهيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.11.05  عيسوي

سنڌ جي ناليواري سياستدان، اڳوڻي ايم. اين. اي ۽ ايم. پي. اي رفيق احمد ولد عبدالله مهيسر جو جنم 5 نومبر 1949ع تي ڳوٺ گاهي مهيسر، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.


2002.10.15  عيسوي

رفيق احمد مهيسر 15 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بروهي
ٽپٽائي مولوي عبدالله
راڄپر عبدالحڪيم سرائي
پاڪ سنگهار
پرمانند ڀنڊار
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
حاجي امام الدين راشدي
عبدالله ٺٽوي مخدوم
چنا شبيران
خير محمد خان استاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون